آبي چڪر (The Water Cycle, Sindhi)
فضا پاڻيءَ سان ڀري پئي آهي
توڙي
مختلف ذخيرن ۾
پاڻيءَ جو گڏ
ٿيڻ ئي آبي چڪر
آهي. جيتوڻيڪ
فضا، پاڻيءَ
جو ڪو تمام
وڏو ذخيرو ته
ناهي، پر اها
اهڙو سُپر
هاءِ وي آهي جنهن
ذريعي پاڻي سڄي
ارض ۾ هڪ جاءِ
کان ٻي جاءِ
منتقل ٿي ٿو. فضا
اندر پاڻي هميشه
موجود رهي ٿو.
فضا اندر
پاڻيءَ جي واضح
موجودگيءَ جو
سڀ کان سٺو مثال
يقيناَ ڪڪر
آهن، پر ويندي
صاف چِٽِي هوا
۾ به پاڻي
موجود آهي.... اهڙا
آبي ذرڙا جيڪي
ڏسجڻ کان
هيڪاندا
ننڍڙا آهن. هڪ
اندازي موجب فضا
اندر هڪ ئي
وقت موجود
پاڻيءَ جو
مقدار 3100 ڪعبي
ميل يعني 12900
ڪعبي ڪلوميٽر
آهي. اهو تمام
گھڻو ٿو لڳي، پر
حقيقت ۾ اهو
ڌرتيءَ تي
موجود پاڻيءَ
جي ڪل مقدار
جو 0.001 سيڪڙو آهي.
جيڪڏهن سمورو
فضائي پاڻي
يڪدم وسي پوي
ته به اهو
خشڪيءَ کي 2.5
سينٽي ميٽر
يعني هڪڙو انچ
ئي ٻوڙيندو.
فضائي پاڻيءَ متعلق مڪمل تفصيل حاصل ڪريو.
ھيءُ سنڌي ترجمو اوسر پيڙھڪا پاران جناب احسان احمد عرساڻيءَ ميسر ڪري ڏنوآھي
Sindhi translation has been provided by Mr. Ahsan Ahmad Ursani on behalf of Osar Foundation
![]() |
ث – ٺالاءُ
پ – فضا ۾ موجود پاڻي ج – اٻڪبدلتڳاءُ ڄ – نئين آب جھه – دريائي وهڪرا ڃ – چشما چ – تازو پاڻي ذخيرو ڇ – ٻاڦڪاري |